دين محمد ڪنڀار

دين محمد ڪنڀار

دين محمد ڪنڀار

دين محمد ڪنڀار (سماجي شخصيت): سماجي اڳواڻ ۽ صحافي فقير دين محمد ڪنڀار 1956ع ۾ ڳوٺ باکريجي تعلقه کپري ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. پنج درجا سنڌي جا ’ڍليار مُلان اسڪول‘ مان پاس ڪيائين. پر وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. 1970ع واري ڏهاڪي کان صحافت جي شروعات ڪيائين. شروع ۾ ’الفقراءُ‘ سانگهڙ ۽ اُن بعد روزاني عبرت، آفتاب ۽ هفتيوار همدرد ميرپورخاص سان واڳيل رهيو. ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران مخدوم طالب الموليٰ سان گڏجي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. بعد ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ڪارڪن بنجي، پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان سماجي ڪم ڪرڻ لڳو. جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کان پوءِ جمن دربدر ۽ محمد جمن گجوءَ جي معرفت سن ۾ سائين جي. ايم سيد سان ملاقات ڪري، قومي ڌارا ۾ شريڪ ٿيو. ڪافي سالن بعد سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪري، ان جي هاري سنگت سنڌ جو مرڪزي صدر چونڊجي آيو. هاري سنگت جي پليٽ فارم تان چار هزار باندي بڻايل هاري آزاد ڪرايائين. غلام حيدر وساڻ معرفت ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سان مليو ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ مرحوم شاهنواز جوڻيجي ۽ پير رسول بخش خان ٽالپر سان گڏ قيدي ٿي رهيو. پير صاحب پاڳاري سيد شاهه مردان شاهه ’ثاني‘ سان ٻه ٽي ڀيرا ملاقاتون ڪري، علائقي جي صورتحال تي، خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين. سرائيڪي صوبي مومينٽ جي مرڪزي صدر پاران کيس سماجي خدمتن جي مڃتا طور ”وارث شاهه اوارڊ“ مليل آهي. ايس. ٽي. پي طرفان کيس ”حيدر بخش جتوئي اوارڊ“ ڏنو ويو. فقير دين محمد ڪنڀار هن وقت کپري جي ويجهو، ڍليار شهر لڳ پنهنجي ڳوٺ ۾ رهي ٿو.


لفظ دين محمد ڪنڀارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو